خيبر پختون خوا

وڏو انسان بڻجڻ لاءِ سُٺي سوچ جو هجڻ به ضروري آهي:عمران خان

آءِ اين اين نيوز ڊيسڪ، اسلام آباد
پشاور:پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسٽي آرڊر وٺڻ وارا رنڊڪون وجهي رهيا آهن، پي ٽي آئي خيبرپختونخواهه ۾ تبديلي آڻيندي.ان موقعي تي عمران خان چيو ته ملڪ جا نوجوان نئون پاڪستان ٺاهيندا، عظيم انسان بڻجڻ لاءِ سُٺي سوچ هجڻ ضروري آهي،مهانگيون گهڙيون ۽ ڪپڙا پائڻ وارا وڏا ماڻهو نه ٿا ٿي سگهن.ڪرپٽ ماڻهن جي مرضي آهي جيترا اسٽي آرڊر وٺي اچن، پر اسان خيبرپختون خواهه جي اسپتالن کي بهتر بڻائي رهنداسين.پشاور جي اسلاميا ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته وڏو انسان بڻجڻ لاءِ سُٺي سوچ جو هجڻ به ضروري آهي، اسٽي آرڊر وٺي اچڻ وارا خيبر پختون خواهه جي طرقي ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن.پي ٽي آئي چيئرمين پنهنجي تقريب ۾ سياسي ڳالهه نه ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو پر پاڻ ئي سياسي ڳالهه ڪري ويو ۽ چيو ته ملڪ ۾ سمجهيو پيو وڃي ته ٻه سياسي پارٽيون آهن ۽ ٽئين پارٽي جو اچڻ ممڪن ناهي ، پر پي ٽي آئي کي وڏي مشڪل سان وڏي پارٽي بڻائي ساهه پٽيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button