مختصر خبرون

خيرپور: ميجر ريٽارئرڊ سيد علي عباس ڪاظمي طويل بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

پريس رليز

ميجر (ريٽائرڊ) علي عباس
ميجر (ريٽائرڊ) علي عباس
صدر انجمن حيدري،باني صدر شيعه رابطه ڪائونسل ميجر ريٽارئرڊ سيد علي عباس ڪاظمي طويل بيماري سبب پنهنجي اٻاڻي گوٺ خيرپور ۾ هن فاني دنيا مان 90 کان وڌ ڄمار ۾ الله جي رضا تي لاڏانو ڪري ويو ميجر سيد علي عباس ڪاظمي رياست الور ۾ 1927 ۾ مشهور سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ صوبيدار سيد محمد حسنين ڪاظمي جي انگن ۾ اک کولي شروعاتي تعليم رياست الور ۽ رائي بريلي ۾ حاصل ڪئي 1946 ۾ آرمي ۾ ڀرتي ٿيا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪ آرمي ۾ پنهنجي خدمتون سر انجام ڏيندا رهيا 1961 ۾ پاڪ آرمي کان ريٽائرڊ منٽ کان پوءِ مذهبي ۽ سماجي قيادت پنهنجي هٿن ۾ ورتي ۽ مذهب اهلبيت عليه السلام جي واڌاري ۽ تبليغ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا خيرپور جي مذهبي قيادت کي هڪ مضبوط ۽ مڪمل پليٽ فارم شيعه رابطه ڪائونسل جي صورت ۾ ٺاهي ڏنو ميجر سيد علي عباس ڪاظمي پنهنجي حياتي ۾ ايران اعراق ۾ مقامات مقدسه جي زيارت ڪندي حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي مذهبي حوالي سان ميجر سيد علي عباس ڪاظمي جي خدمتون ڪنهن کان لڪيل به آهن ضلعي انتظاميه، اعليٰ سياسي قيادت ۽ ٻيا هن جي خدمتن ۽ امن و امان جي حوالي سان سهڪار کي اڄ به ياد ڪندا آهن ميجر سيد علي عباس ڪاظمي پنهنجي پوئنرن ۾ هڪ بيوهه، ٻه پٽ، هڪ نياڻي، پوٽرا، ڏوٽرن کان علاوه هزارين محبت ڪرڻ وارا سوگوار ڇڏيا آهن ميجر سيد علي عباس ڪاظمي جي جنازه نماز مرڪزي امام بارگاه انجمن حيدري ۾ مولانا آغا سيد مظهر عباس نقوي پڙهائي جنازه نماز ۾ ڊاڪٽرز، وڪيل، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن ، مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن لاهور ڪراچي حيدر آباد، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن کان آيل هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ميجر سيد علي عباس ڪاظمي کي ان جي والد صوبيدار سيد محمد حسنين ڪاظمي جي ڀرسان قبرستان انجمن حيدري ۾ مٽي ماءِ حوالي ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button