حيدر آباد

صحافين سان زيادتيون ، تشدد نامنظور، حيدرآباد ۾ صحافي رستن تي نڪري آيا

حيدرآباد:حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح چيو ته جيڪڏهن صحافي اڪبر ڪيريو

حيدرآباد: صحافين تي تشدد خلاف يونين آف جرنلسٽ پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي
حيدرآباد: صحافين تي تشدد خلاف يونين آف جرنلسٽ پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي
جا قاتل، بدين جي صحافي حاجي خالد محمود گهمڻ کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ جوهيءَ جي صحافي محمد بخش ٻٻر تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته حيدرآباد ۾ تمام وڏي احتجاجي ريلي سميت وزير اعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران چوٽياريون جي قتل ٿيل صحافي اڪبر ڪيريو جي قاتلن، بدين جي صحافي حاجي خالد محمود کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ جوهيءَ جي صحافي محمد بخش ٻٻر تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ٿيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.  ايڇ يو جي پاران حيدرآباد پريس سامهون جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، سينيئر صحافي سهيل سانگي، روزاني سوڀ جي ايڊيٽر ظهير ميراڻي، روزاني ڪوشش جي نيوز ايڊيٽر نعمت کهڙو، رمضان شورو ۽ سينيئر صحافي محمد حسين خان جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي ايڇ يو جي، جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي ياد ڪرڻ گهرجي ته جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ صحافين جو تمام وڏو ڪردار آهي، صحافين ڪوڙا کانئڻ سميت جيل پڻ ڀوڳيو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچڻ بعد نه صرف صحافين خلاف تشدد جي ٿيندڙ واقعن جو نوٽيس نه ٿي وٺي پر صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهن صحافي علي اڪبر ڪيريو جا سمورا قاتل، بدين جي صحافي حاجي خالد محمود گهمڻ کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ جوهيءَ جي محمد بخش ٻٻر تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جي پهرين مرحلي جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ تمام وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ايڇ يو جي، جي ميٽنگ بعد وزير اعليٰ هائوس آڏو شاندار ڌرڻو هنيو ويندو، ان بعد سڄي ملڪ جي صحافين سان گڏجي ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر جئه پرڪاش موراڻي خطاب ڪندي چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته صحافت ۽ صحافين جي آزادي ۽ جمهوريت جون دعوائون ڪندڙ حڪمران صحافين خلاف ٿيندڙ پُرتشدد وارين ڪارواين کي ٻنجو ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ان جو ڪنهن به قسم جو نوٽيس به نه پئي وٺي. سينيئر صحافي سهيل سانگي خطاب ڪندي چيو ته صحافين کي ظلم، ناانصافين ۽ زيادتين جي شڪار ماڻهن جي آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ ٽارگيٽ ڪري تشدد ڪرڻ سميت قتل ڪيو پيو وڃي، پر ڪٿي ڪا حڪومتي رٽ نظر نٿي اچي، جيڪڏهن حڪومت پنهنجي اهڙي روش ختم نه ڪئي ته سڄي ملڪ جا صحافي اهڙن حڪمرانن خلاف ۽ پنهنجن حقن لاءِ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائيندا. روزاني سوڀ جي نيوز ايڊيٽر ظهير ميراڻيءَ خطاب ڪندي چيو ته چوٽياريون جي صحافي علي اڪبر ڪيريو جا قاتل ايترا طاقتور آهن جو ڪيترائي ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پي بدلي ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه پيا ڪيا وڃن. هن چيو ته اڪبر ڪيريو جي قاتلن، حاجي خالد محمود گهمڻ کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ محمد بخش ٻٻر تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جدوجهد جي آخري حد تائين به وڃڻو پيو ته وينداسين. روزاني ڪوشش جي نيوز ايڊيٽر نعمت کهڙو خطاب ڪندي چيو ته انهن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي شرم اچڻ گهرجي جن جي علائقن جا صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا، هن چيو ته جوهي جي صحافي محمد بخش ٻٻر کي تشدد جو نشانو بنائيندڙ ڪو ٻيو نه پر حڪمران جماعت سان لاڳاپيل ذميوار ماڻهو آهن ۽ حڪومت انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. احتجاجي مظاهري ۾ عبدالڪريم نظاماڻي، منصور مري، مراد علي شاھ بڪيرائي، ظفر هڪڙو، سهڻي پارس، انور چانڊيو، الياس وارثي، ساجد علي، حاڪم چانڊيو، خالد چانڊيو، سيف سميجو، جاني خاصخيلي، اعجاز لغاري، مشتاق وسطڙو، نديم خاور، گنگومل، يوسف ميربحر، نياز وگهيو، حاڪم چانڊيو، ياسر راجپوت، سليم زئي، علي رضا سومرو، علي جان، حسنين، عمير راجپوت ۽ عمران شاهه سميت ڦوٽوگرافرن، ڪئميرامينن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button