رانديون

عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

آءِ اين اين، اسپورٽ ڊيسڪ

عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو
عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل انڊر 19 ورلڊ ڪپ 2016ع جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ بنگلاديش ۽ اعزاز جو بچاءُ ڪندڙ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ 27 جنوري تي کيڏي ويندي، شيڊول مطابق انڊر 19 ورلڊ ڪپ جون ڪل 28 ميچون کيڏيون وينديون، ايونٽ جو فائنل 14 فيبروري تي ڍاڪا ۾ ٿيندو، ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمون حصو وٺنديون، جن کي 4 پولز ۾ ورهايو ويو آهي، پاڪستاني ٽيم جي گروپ ۾ سريلنڪا، ڪينيڊا ۽ افغانستان جي ٽيم آهي، قومي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم پنهجي پهرين ميچ 28 جنوري تي افغانستان، ٻي ميچ 30 جنوري تي ڪينيڊا ۽ ٽئين ميچ 3 فيبروري تي سريلنڪا خلاف کيڏندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button