ڪراچي

شهيد مريم مختيار جي بهادري عورتن لاءِ مشعل راهه آهي:مشاهد حسين

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مانيٽرنگ ڊيسڪ
Maryam Mukhtiar (640x384)
پاڪستان مسلم ليگ ق جو سيڪٽري جنرل ۽ سينيٽر مشاهد حسين سيد شهيد پائيلٽ مريم مختيار جي گهر پهتو جتي هن شهيد پائيلٽ مريم مختيار جي والدين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ان سان گڏ مسلم ليگ ق سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ پڻ موجود هو . ان موقعي تي شهيد مريم مختيار جي درجات جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي ملير ڪينٽ ۾ شهيد مريم مختيار جي گهر سندس والد ڪرنل (ر) مختار احمد سندس امڙ ريحانه مختيار سان ملاقات دوران مشاهد حسين سيد چيو ته مريم مختيار پاڪستاني جي پهرين فائٽر پائيلٽ هئي ان جي بهادري پاڪستان جي عوارتن لاءِ مشعل راهه آهي مان ان جي لاءِ سينيٽ ڊفينس ڪميٽي جي طرفان سفارش ڪندس ، هن چيو ته ڊفينس ڪميٽي جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ اسين هڪ قرارداد منظور ڪرائينداسين ان سلسلي ۾ شهيد مريم مختيار کي بهادري جو تمغو ڏيارڻ لاءِ هوائي فوج جي اڳواڻ کي خط پڻ لکندس ته شهيد مريم مختيار جي بهادري لاءِ اعلي ايوارڊ جو اعلان ڪيو وڃي هن چيو ته سڄي قوم کي هن بهادر نياڻِ جي شهادت تي فخر آهي ان موقعي تي مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته اڄ شهيد مريم مختيار جي گهر وارن سان ملاقات ڪري اسان جي دلين ۾ هڪ قسم جي خوشي پيدا ٿي آهي شهيد جي وارثن جهڙي نموني سان پنهنجي ڌي جي شهادت کي قبول ڪيو آهي اهي يادگيريون وسارڻ جهڙيون ناهن ان لحاظ سان اسان کي به فخر آهي ته هو سنڌ جي نياڻِي هئي جنهن پوري سنڌ جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته اڄ اسان کي يقين ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ اهڙا به ماڻهو موجود آهن جيڪي محب وطن آهن ۽ جيڪي پنهنجي ٻارن کي ملڪ ۽ قوم جي خاطر قربان ڪرڻ کي فخر محسوس ڪن ٿا . ان موقعي تي نعيم عادل شيخ ، آغا رفيع الله ، فياض لغاري ، جاويد اعواڻ ، عامر پٺاڻ ، شيخ اقبال ، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا …

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button