ھنڱورجا

ٻيهر فوج ءِ رينجرس جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، محرم شاھ

آءِ اين اين، هنڱورجا
Muharam Ali Shahفنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاه لڪياري تسليم احمد ميمڻ عبدالعزيز ڀنڀرو چيو آهي ته دارزا سانحو ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر پير سيد صدرالدين شاه جي فرزند پير سيد اسماعيل شاه تي حملو ڪري ٽارگيٽ جو نشانو بڻائي اسان جا بي گناه ماڻهو شهيد ڪيا ويا بلدياتي اليڪشن ۾ خانه جنگي ڪرائڻ جي سازش ڪئي وئي جنهن کي اسان جي پارٽي قيادت صبر جي تلقين ڪري سازش کي ناڪام بڻايو هنڱورجا ۾ پنهنجي رهائشگاه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هنن چيو ته بلدياتي اليڪشن پوليس ءِ مختيارڪارن جي اليڪشن هئي جنهن ۾ حڪمران جماعت جي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ سڀئي حربا استعمال ڪيا ويا اسان اليڪشن فوج ءِ رينجرس جي نگراني ۾ ڪرائڻ جا مطالبا ڪندا رهياسين پر هڪ به نه ٻڌي وئي جنهن جي ڪري درازا جهڙو افسوسناڪ سانحو پڻ پيش آيو هنن چيو ته سنڌ اٺن ئي ضلعن ۾ ڌانڌلين جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن اسان وٽ اهڙا دستاويزي ثبوت موجود آهن جيڪي جلد اليڪشن ڪميشن توڙي ٻين زميوار ادان وٽ پيش ڪيا ويندا هنن چيو ته درازا سانحي جي جانچ لاءِ جوڙيل حڪومتي ٽيمن تي ڪو به ڀروسو ناهي واقعي واري ڏينهن وزير اعلي خيرپور ۾ موجود هيو هنن چيو ته درازا سانحي بابت پارٽي قيادت ڇنڇر ڏهاڙي حڪمت عملي جوڙيندي اسان جي پارٽي هميشه شرافت واري سياست ڪئي آهي احتجاجن ،ڌرڻن واري سياست ناهي ڪئي پارٽي قيادت درازا سانحي تي پڻ صبر جو مظاهرو ڪيو هنن چيو هن وقت تائين درازا سنحي ۾ ملوث هڪ به جوابدار کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو جنهن جي ڪري پارٽي جي ڪارڪنن ۾ سخت تاءِ پکڙيل آهي درازا سانحي جي جوابدارن کي گرگتار ڪري ان سموري سازش کي بي نقاب ڪيو وڃي هنن چيو ته اليڪشن وارِ ڏهاڙي تي خيرپور ضلعي جي اڪثر يوسين ۾ سرڪاري عمدارن سرعام ٺپا هنيا يوسي رسول آباد ،سڳيون سيٺارا بال ،ميرڪ ءِ ٻين يوسين ۾ رڪارڊ ڌانڌليو ڪيون ويون .هنن چيو ته ٻيهر فوج ءِ رينجرس جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن پريس ڪانفرنس ۾ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ سرائي خدا بخش ڀاڳت ،ڊاڪٽر احمد علي ڪبر ،عزيز احمد سهتو ءِ ٻيا گڏ هئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button