خيرپور

ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام اسلام کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو، مجلس کي خطاب

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Matam Khairpur (640x417)
مرڪزي امام بارگاه انجمن حيدري ، امام بارگاه قصرحسيني ۾محرم جي نائين مجلس کي خطاب ڪندي مولانا سيد باقر زيدي، مولانا سيد گدا حسين شاهه چيو ته ڪربلا ۾ امام حسين پنهنجي پيارن ، جانثارن ۽ ننڊرڙن کي قربان ڪري اسلام کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ صبر جي اهڙي مثال پيش ڪئي ته اڄ تائين اهڙي قرباني ڏئي نه سگهيو آهي امام بارگاه فيض حسيني ،امام بارگاه مرڪزي لقمان ۾ مولانا قمبر عباس نقوي ۽ مولانا منظور حسين سولنگي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جنگ جا اهڙا طريقه استعمال ڪيا جنهن کي ڏسي اسلام جا دشمن لاجواب ٿي ويا. امام باگاه قصر زينيب ثانئ زهراه ۾ علامه فيروز عباس .امام بارگاه عون و محمد ۾ مولانا سيد قمبر علي شاهه، امام بارگاه شوڪت صاحب ۾ مولانا سيد حسن علي نقوي، امام بارگاه سجاديه ، حسينيه، امام بارگاهه بنارس ڪالوني ۾ علامه مستجاب حيدر عابدي امام بارگاهه هاشميه لقمان امام بارگاهه محبان حيدري ۾ علامه سيد علي افضل زيدي، امام بارگاهه اماميه ڀرگڙي ۾ مولانا مشتاق حسين ڪانڌڙو، مولانا ذوالفقار لاڙڪ، امام بارگاهه پنجتني چوڙي گر بازار ۽ امام بارگاهه دٻير حسين ۾ مولانا سيد طلال حسين رضوي امام بارگاهه رضويه ۾ مولانا عبدالعلي، امام بارگاهه ڇتن شاهه ۾ مولانا شاهد حسين مغل، ذاڪر سيد رهب علي شاهه امام بارگاهه قصر عباس لقمان مولانا تصدق حسين ، امام بارگاه شهزاده علي اڪبر ۾ قاري خير محمد، امام بارگاه سبيل امام حسين ڦول باغ ۾ مولانا زاهد حسين ۾ مجلسن کي خطاب ڪيو .هوڏانهن ڪربلا جي ڪمسن شهيدن جي ياد ۾ انجمن غلامان عباس علي مراد ۾ ٻارڙن جي مجلس کي ڪمسن ذاڪر سيد سلطان علي شاهه ، مولانا فرحان علوي ۽ ٻين خطاب ڪيو ان کان علاوه عزاخانه سيد برڪت شاهه لاهوتي ۽ سيد سلمان زيدي جي رهائشگاهن تي پڻ ڪمسن ٻارڙن جي مجلسن جو سلسلي جاري آهي مجلس ۾ سوزخواني سيد عابد حسين شاهه هاتف الوري، سيد محمد حسنين شاهه ،سيد مختار جعفري، بشير علوي، مسلم عباس ڪاظمي، جري عباس شاهه ۽ ٻين ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button