آرٽيڪل

پشاور ۾ روشن مستقبل جو قتل ذميوار ڪير؟

غلام حسين چانگ

غلام حسين چانگ
غلام حسين چانگ
پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشت گردن حملو ڪري اسڪول جي معصوم بيگناهه ٻارڙن کي ڪلاس رومن جي اندر فائرنگ ڪري 132 ٻارن سميت 150 ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ دهشت گردي جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي هن کان اڳ دهشت گرد مسجدن ، امام بارگاهن، جلوسن، شهر جي چوراهن توڙي ماڻهن جي هجومن ۽ فورسز تي حملا ڪندا رهيا آهن پر انهن دهشت گردن پشاور معصوم ٻارڙن مٿان حملو ڪري انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. ڪي پي ڪي ملڪ جو اهو صوبو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ دهشت گردي جا واقعا رونما ٿيا آهن پر پشاور واقعي نه رڳو پاڪستان کي پر عالمي انسانيت جو درد رکندڙن کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آءِ جي ترجمان موجب پشاور اسڪول تي حملو ڪندڙ دهشت گرد اسڪول جي پوئيان داخل ٿي ٻارڙن تي فائرنگ ڪئي آهي انهن سڀني دهشت گردن کي آپريشن جي ذريعي ماريو ويو آهي. آرمي پبلڪ اسڪول تي 11 وڳي 2 منٽ تي هٿياربندن حملو ڪري سڀ کان پهريان ئي 3 سيڪورٽي گارڊن کي شديد زخمي ڪيو جنهن کان پوءِ مسلسل ڪلاسن ۾ موجود ٻارن مٿان گولين جي برسات وسائي دماڪا پڻ ڪيا ويا جنهن دوران ڪيترائي ٻارڙا جان بچائڻ جي لاءِ بينچن جي هيٺيان لڪندا رهيا پر انسانيت جي دشمنن لڪيل ٻارن کي به ڳولي سندن مٿان سڌيون گوليون هلائي کين کي شهيد ڪيو ويو. هن ملڪ ۾ دهشت گردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جون حڪومت پاران روز دعوائن واريون خبرون ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون پر پشاور واقعي انهن سڀني دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي ڇو ته ڪي پي ڪي جي گادي واري شهر پشاور ۾ صبح جو اهي سڀئي دهشت گرد ڪيئن داخل ٿيا انهن کي ڪٿي به ڇو نه روڪيو ويو ۽ اهي آساني سان آرمي جي پبلڪ اسڪول تائين ڪيئن پهچي ويا. جن پنهنجي دهشت ۽ وحشت جو نشانو معصوم ٻارن کي ٻڻايو. طالبان دهشت گردن هڪ اسڪول تي حملو ڪري ايترن ٻارن کي بيگناهه شهيد ڪرڻ جو مقصد اسان جي ملڪ کي علم جي روشني کان روڪڻ آهي اهي دهشت گرد چاهن ٿا هن ملڪ ۾ تعليم جي جيڪا شمع ٻريل آهي ان کي پنهنجي دهشت ۽ وحشت جو نشانو بڻائي وسايو وڃي. ڪي پي ڪي ۾ هلندڙ سال 16 ڊسمبر جي ڏهاڙي تائين لڳ ڀڳ 106 ننڍا وڏا دهشت گردي جا واقعا ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ 334 کان وڌيڪ ماڻهو بيگناهه شهيد ڪيا ويا آهن ۽ لڳ ڀڳ 610 ماڻهو شديد زخمي ڪيا ويا آهن جيڪي اڄ به زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن. اسان جي ملڪ ۾ دهشت گردن جيڪي پنهنجيون پناهه گاهون قائم ڪري ورتيون آهن انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جيتريون به حڪومتون قائم ٿيون آهن انهن دهشت گرن جي اڏن کي ختم ڪرڻ لاءِ صحيح نموني ڪڏهن به ڪاروائي ناهي ڪئي. جنهن جي ڪري ڪڏهن طالبانن سان ڳالهيون ڪيون ويون ته ڪڏهن وري انهن جي خلاف آپريشن ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هن وقت به ضرب عضب آپريشن هلي رهيو آهي جنهن ۾ پڻ ڪيترين ئي ڪاميابين جي دعوا ڪئي پئي وڃي پر اهيا ڳالهه عالم آشڪار آهي ته دهشت گرد اڄ به موجود آهن جيڪي جڏهن به ۽ جتي به چاهن ٿا اهي پنهنجي ڪاروائين ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو 6 دهشت گردن آرمي اسڪول جي 132 شاگردن سميت 150 ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ 6 دهشت گردن کي ته آپريشن جي ذريعي ماريو ويو آهي پر انهن دهشت گردن جي سوچ کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان جي لاءِ ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادت کي گڏجي اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. اڄ جڏهن گلن جهڙن ٻارڙن جي مرجهائڻ کان پوءِ پشاور جي گورنر هائوس ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ سڀني سياسي پارٽين دهشت گردي جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پڻ سٺو سوڻ آهي پر هن کان به اڳتي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاران سانحا پشاور کان پوءِ موت واري سزا تي عمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن وقت سوين بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندڙ طالبان دهشت گرد جيلن ۾ بند آهن جن جو تعداد 5 سئو کان وڌيڪ ٻڌايو ٿو وڃي انهن سفاڪ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. دهشت گردي ملڪ جي لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي ان ناسور کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻو پوندو ۽ ضرب عضب کان به وڌيڪ آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي دهشت گردي جي خاتمي لاءِ سياسي پارٽين کي هڪ ٿيڻو پوندو جيڪڏهن اسان جا سياستدان پنهنجي ذاتي مفادن ۽ انائن جي خاطر هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ لاءِ سازشون ڪندا رهيا ته پوءِ ڪڏهن به دهشت گردن جو خاتمو اچي نه سگهندو. پاڪستان جيڪو پرامن ملڪ رهيو آهي ان ملڪ ۾ دهشت گردي جو ٻج ان ڏينهن ڇٽيو ويو جڏهن آمريڪا ۾ نائين اليون جو واقعو پيش آيو جنهن تي پاڪستان ان واقعي جي ڀرپور مذمت ڪندي ان دهشت گردي واري جنگ جو حصو بڻيو اڄ پشاور واري افوسناڪ سانحي تي سموري قوم سوڳ ۾ آهي ڪراچي کان خيبر تائين جي سمورن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ انهن ٻارڙن جا هٿ بارگاهه الاهي ڏانهن انهن معصوم شهيد ٻارڙن جي مغفرت لاءِ کنيل آهن ۽ پاڪستان جو جهنڊو سرنگو آهي هر انسان جي اک ۾ غم جا ڳوڙها وهي رهيا آهن هن افسوسناڪ واقعي تي آمريڪا، هندستان، ترڪي سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ سڀني تعليمي ادارن جي ٻارڙن پشاور جي شهيد ٻارڙن غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ 2 منٽن جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي هر طرف مذمت ۽ هر طرف غم آهي پشاور جي انهن شهيد ٻارڙن کي بيگناهه دهشت گردن ماريو آهي جن جو ڪوبه ڏوهه نه هيو ۽ کين کي اهيا به خبر به نه هئي ته ڇو ماريو پيو وڃي جيڪڏهن انهن ٻارن جو ڪو گناهه هيو ته صرف اهو هيو ته اهي صرف علم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ واڌاري جا خواب ساڍي رکيا هيا. اڄ انهن شهيد ٻارن جي گهرن ۾ قيامت صغرا جهڙا منظر آهن سندن جو مائرو، ڀينرون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي کين کي سارن ٿيون انهن کي اهيا خبر نه هئي ته سندن جا گلن جهڙا ٻارڙا کين کان ائين جدا ڪيا ويندا. پشاور جو سانحو حڪومت جي مڪمل طور تي ناڪامي ظاهر ٿي آهي صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي مستعفي ٿيڻ گهرجي پر هتي اسان جي حڪمرانن ۾ ايتري اخلاقي جرئت ناهي جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ اهڙو سانحو پيش اچي ها ته حڪومت ناڪامي جو اعتراف ڪندي استعيفي ڏئي ڇڏي ها پر هتي هن ملڪ ۾ ڌانڌلين جي ذريعي چونڊيل حڪمران ڪڏهن به اهڙي جرئت نه ڪندا هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته پشاور جي شهيد ٻارڙن تي حملو ڪندڙ دهشت گردن جي سوچ جي خاتمي لاءِ سڀني سياسي جماعت کي پنهنجا اختلاف وساري دهشت گردن جي خلاف هڪ ٿيڻو پوندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button