ھنڱورجا

هنڱورجا ۾ قائم نادرا سينٽر بحال نه ٿي سگهيو شهري نادرا سينٽر جي بحالي لاءِ سراپااحتجاج بڻجي ويا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا

هنڱورجا ۾ قائم نادرا سينٽر بحال نه ٿي سگهيو شهري نادرا سينٽر جي بحالي لاءِ سراپااحتجاج بڻجي ويا
هنڱورجا ۾ قائم نادرا سينٽر بحال نه ٿي سگهيو شهري نادرا سينٽر جي بحالي لاءِ سراپااحتجاج بڻجي ويا

هنڱورجا ۾ قائم نادرا سينٽر بحال نه ٿي سگهيو شهري نادرا سينٽر جي بحالي لاءِ سراپااحتجاج بڻجي ويا، شهر جي مختلف سياسي سماجي ، ادبي تنظيمن پ پ ، فنڪشنل ليگ، سنڌ صحافي سنگت، سنڌي ادبي سنگت، شهري اتحاد، سگا، گسٽا ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ شهرين پروفيسر نظير احمد ڀنڀرو، غلام حسين چانگ، ڪامريڊ خدابخش سهتو، ڪانڊيرو خان سهتو، حاج خان چانگ، ممتاز سهتو، گلزار سهتو، مشتاق شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو مڇريل مظاهرين نادرا سينٽر بحال ڪيو جا نعرا هنيا ان موقعي تي اڳواڻن الزام لڳايو ته هنڱورجا ۾ 4 مهينن کان قائم ڪيل نادرا سينٽر کي بناڪنهن سبب جي بند ڪيو ويو آهي جيڪا تعلقي صوڀوديرو جي 9 يوسيز هنڱورجا، سڳيون، سمي، مڏ، پير حيات شاهه، راڻيپور، گڏيجي، رسول آباد سميت علائقي جي عوام سان وڏي ناانصافي آهي جيڪا ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي هنن چيو ته 4 مهينن کان قائم سينٽر کي اوچتو بند ڪرڻ سان هزارين ماڻهن جا فارم ۽ ڪارڊ رلي وڃڻ جو خطرو آهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي هنڱورجا جي سينٽر کي بحال ڪيو وڃي ٻئي پاسي فنڪشنل ليگ ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ڊي جي سکر نادرا ميجر رٽائرڊ ثقلين بخاري سان سکر آفيس ۾ ملاقات ڪري کيس کي هنڱورجا ۾ قائم سينٽر کي بحال ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو جنهن ايم اين اي کي يقين ڏياريو ته اعلي اختيارين کي خدشن کان آگاهه ڪري سينٽر بحال ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي ويندي. فنڪشنل ليگ ايم اين اي ڪاظم علي شاهه چيو ته هنڱورجا نادرا سينٽر ختم ٿيڻ سان علائقي جي هزارين ماڻهن کي شناختي ٺهرائڻ واري سهولت کان محروم رکيو ويو آهي جيڪا علائقي جي عوام سان ناانصافي آهي هن چيو ته جلد گهرو وزير۽ نادرا جي چيئرمين سان ملاقات ڪري سينٽر کي بحال ڪرايو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button