سنڌي ادب

مورو: نامياري آرٽسٽ ۽ مصور استاد عبدالفتاح هاليپوٽو عرف شرجيل“ جي 75هين سالگرھ ملهائي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Birthday (640x384)
سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت پاران سنڌ جي نامياري آرٽسٽ ۽ مصور استاد عبدالفتاح هاليپوٽو عرف شرجيل“ جي 75هين سالگرھ مورو ۾ اقبال آرٽ سينٽر تي ملهائي وئي جنهن جي صدارت سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي مرڪزي چيئرمين رسول بخش گچيرائي ٻگهيو ڪئي جڏهن ته مهمان خاص سنڌ جو نامور مصور غلام محمد سومرو جن هئا اعزازي مهمانن ۾ اقبال احمد عباسي، رزاق مستوئي، وحيد رزاق مستوئي، سرفراز ٻگهيو، نويد رضا مستوئي ۽ ٻيا هئا ان موقعي تي عبدالفتاح هاليپوٽو جي 75هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو صدارتي خطاب ڪندي رسول بخش گچيرائي چيو ته سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت 2012ع کان سنڌ ۾ تعليمي جدوجهد سان گڏ قلم ڌڻي ۽ برش ڌڻي آرٽسٽن ۽ شاعرن کي مان ڏيڻ جي لاءِ انهن جي خوشين ۾ سالگرھ ملهائڻ ۽ ورسيون ملهائڻ جو پڪو پھ ڪيو آهي ان سلسلي ۾ تعليمي سيمنارن کان علاوه زندھ شخصيتن ۾ سنڌ جي مشهور شاعر امداد حُسيني، مشهور آرٽسٽ غلام محمد سومرو انهن جون سالگراهون ملهائي چڪا آهيون ۽ سنڌ جي عظيم آرٽسٽ ع ق شيخ جي ورسي پڻ ملهائي هئي 23 تاريخ تي سنڌ جي نامياري آرٽسٽ فتاح هاليپوٽو جي 75هين سالگرھ اقبال آرٽ سيٽر ۾ ملهائي آهي هن چيو ته آرٽ جي دنيا کي ختم ٿيندي ڏٺو پيو وڃي ليڪن آرٽ هڪ اهم فن آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نه صرف هاءِ اسڪولن پر ڪاليجن ۾ به آرٽ جا پروفيسر مقرر ڪيا وڃن هن چيو ته آرٽ جي دنيا تمام پراڻي آهي ليڪن قرآن مجيد ۾ الله پاڪ جنن کي حڪم ڪيو هو ته حضرت سليمان عليه اسلام جنهن به شيءَ جي تصوير ٺاهڻ جو حڪم ڪري ته اها ٺاهي ڏني وڃي اهڙي طرح پکين يا جانورن ۽ نطارن جون تصويرون جنن ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ بعد ۾ منتقل ٿي انسان طرف آئي، استاد غلام محمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته اسان آرٽسٽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جا نهايت شڪر گذار آهيون جيڪي اسان آرٽسٽن کي نه وساريو آهي، رزاق مستوئي خطاب ڪندي چيو ته آرٽ اهو فن آهي جيڪا هر شعبي ۾ اهميت حاصل ڪري چڪي آهي انهي ڪري آرٽ کي وسيع پئماني تي ترقي وٺرائي وڃي، وحيد رزاق مستوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جس لهڻي جيڪا آرٽ جي دنيا کي زنده ڪيو پئي اچي ۽ اها سوچ اسان جي هر شعبي کي بلڪ هر فني دنيا کي ترقي وٺرائيندي، اقبال احمد عباسي خطاب ڪندي چيو ته آرٽ هڪ اهم فن آهي جنهن جي ذريعي دنيا کي سينگارجي ٿو ڪو به ڪتاب جڏهن ڇپيو وڃي ٿو ته ان کي آرٽ ذريعي سهڻو ڪري ڇپرايو وڃي ٿو هن چيو ته سنڌ کي حسين بنائڻ جي لاءِ آرٽ کي هٿي وٺرائڻ تمام ضروري آهي، سرفراز ٻگهيو چيو ته سنڌ جي هر هاءِ اسڪول ڪاليج ۽ شهرن ۾ آرٽ گيلريون ۽ لائيبريريون قام ڪيون وڃن جتي نوجوان پنهنجو وقت سجايو ڪري ڪجھ حاصل ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button