مختصر خبرون

ھنڱورجا: لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتالاءِ پريس ڪلب آڏومظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتالاءِ هنڱورجا ۾ سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن جي مرڪزي اڳواڻ فياض سولنگي، نياز حسين سولنگي، الهوڌايو ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب هنڱورجا جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مڇريل مظاهرين لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هيا اڳواڻن چيو ته سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ مطالبا تسليم ڪرڻ باوجود پنهنجي ڪيل واعدي تان ڦري ويو آهي جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ جي گهر آڏو ڌرڻو هنيو ويندو هنن وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪرپشن جو دڪان کولي ڇڏيو آهي ڪوبه ڪم رشوت کان سواءِ نٿو ڪيو وڃي هنن چيو ته اسان جو هي احتجاج مطالبن جي مڃتاتائين جاري رهندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button