مختصر خبرون

سکر سانحي خلاف خيرپور ۾ ٻئي ڏينهن بہ شٽر بند هڙتال

خيرپور (انّا) سکر سانحي خلاف خيرپور ۾ ٻئي ڏينهن به شٽر بند هڙتال، ٺيڙهي باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو، ڪراچي، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ويندڙ هزارين گاڏيون بيهجي ويون، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. تفصيل مطابق سکر ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ سينيٽر مولانه خالد محمود سومرو جي شهادت واري سانحي خلاف خيرپور ضلع جي مڙني علائقن ڪنگري، گمبٽ، ميرواهه، فيض گنج، نارو، چونڊڪو، ڪوٽڏيجي، بنگلو، سوارهه، چونڊڪو، ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ، راڻيپور، سوڀوديرو ۽ ٻين ننڍن وڏن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن ڀي شٽر بند هڙتال ڪئي ويئي. جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي ٺيڙهي باءِ پاس تي هزارين ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب پنجاب، سرحد، ڪراچي ۽ بلوچستان ويندڙ هزارين گاڏيون بيهجي ويون. اڳواڻن پنهنجي خطاب دوران جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button