ھنڱورجا

هنڱورجا: اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جا جوابدار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود گرفتار ڪري نه ٿي سگھيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
Shahri Ithad(640x217)
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ چار عورتن شازيا، ڪائنات، سپنا ۽ آسيا سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جا جوابدار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود پوليس انتظاميه گرفتار ڪري نه سگهي آهي. 56 ڏينهن گذرڻ باوجود سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس انهن جي گهرن تي وڃڻ جي به ذحمت ناهي ڪئي. جنهن جي ڪري جوابدار ضمانتون ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن واقعي جي خلاف رسول آباد شهر ۾ 2 ڪلاڪ تائين ٽوڪن هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اثرائتي تحريڪ شروع ڪرڻ جي لاءِ رسول آباد ۾ شهرين جي گڏجاڻي عبدالقادر ميمڻ جي رهائشگاهه تي سڏائي وئي جنهن ۾ شهرين واپارين، سماجي تنظيمن ۽ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد ظاهر ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ علي عثمان ميمڻ ، عيسا ميمڻ، الطاف پپو ميمڻ، انور سهتو ، عطيق ميمڻ، هاشم ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 56 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻجي وئي آهي. جوابدار وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن پر پوليس جي ڪن تي جونءِ به نٿي چري جيڪا ڏي ناانصافي آهي جوابدان جي گرفتاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران ايس ايس پي خيرپور کي واضع حڪم ملڻ باوجود ايس ايس پي خيرپور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي. هنن چيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته رسول آباد شهر ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين شٽربند هڙتال ڪري اسلام آباد پارليامينٽ هائوس آڏو مرڻ گهڙي بک هڙتال ڪئي ويندي. هوڏانهن هنڱورجا ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران سگا جي صدر عبدالسميع ڀنڀرو، جسم اڳواڻ ارشاد چنو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري لڄالٽ سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button