سکر

سمورا ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن، قائم علي شاھ

عمر سومرو، سکر

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن هر ضلع ۾ نساسڪ جي ڪمن، واٽر سپلاءِ، نڪاسي آب ۽ تعليم سان گڏو گڏ صحت جي حوالي سان سمورن اُپائن تي ڀرپور توجه ڏني وڃي جنهن ضلعن ۾ آئي ڊي پيز داخل ٿي رهيا آهن ان جي مڪمل معلومات ۽ رجسٽريشن جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمشنر آفيس ۾ ويڊيو ڪانفرنس جي دوران ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڏيندي چيو ان موقعي تي ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه سکر ۾ عوام کي بنيادي سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو فقدان آهي جڏهن ته نساسڪ جا متعين اعليٰ آفيسر غير ذميواري جو مظاهرو ڪن ٿا، ميونسپل ايڊمسنٽريشن ۽ نساسڪ ۾ اوور ايمپلائيٽمينٽ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پگهارن جي ادائيگي ممڪن نه ٿي رهي آهي، شهر ۾ نڪاسي آب جي نظام جي لاءِ پڻ پاليسي يڪسر تبديل ڪرڻي پوندي ان موقع تي ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿهيم ٻڌايو ته آئي ڊي پيز جي حوالي سان ايس ايس پي سکر سان گڏ ڀرپور تعاون جاري اهي ۽ هر اچڻ واري رستي جي سخت چيڪنگ ۽ رجسٽريشن جي عمل کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ آئي ڊي پيز جي حوالي سان فنڊز پڻ ڏنا ويا آهن هن چيو ته سکر ۾ 738 اسڪيمون آهن جنهن مان 291 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن جنهن جو 95 فيصد سيڪڙو ڪم ڪيو ويو آهي هن مد ۾ 78 ملين روپيا رليز ٿيا آهن جڏهن ته شهر ۾ نساسڪ جي علط حڪمت عملي جي باعث شهر جي ماڻهن کي وڏين مشڪلاتن کي مهن ڏيڻو پيو آهي جنهن جي باري ۾ هن وزير اعليٰ سنڌ کي سکر جي آمد تي آگاهه ڪيو هيو جڏهن ته اضافي ڀرتيءَ جي حل لاءِ وزير اعليٰ سنڌ فوري طور تي احڪامات صادر فرمائين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي ان موقع تي بريفنگ ڏيندي چيو ته خيرپور ۾ جاري 1064 ترقياتي اسڪيمون آهن جن مان 321 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي خيرپور ۾ صحت ۽ تعليم تي ڀرپور توجه جاري آهي جڏهن ته آئي ڊي پيز جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ کي خيرپور جي دوري جي دوران 10 لک روپيا چيڪ ڏنو ويو هيو جڏهن ته شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽتائي کي ختم ڪرڻ لاءِ 18 ٽيوب ويل لڳايا ويا آهن گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلع گهوٽڪي ۾ 254 ترقياتي اسڪيمون آهن جنهن ۾ بلڊنگ، تعليم، صحت، روڊز ۽ ٻين محڪمن جون اسڪيمون شامل آهن جنهن مان 64 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ان جي مد ۾ 97 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي آئي ڊي پيز جي حوالي سان هن ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ ضلعي داخلي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ پهرين پوسٽ رينجرس جي آهي ۽ ٻي پوسٽ پوليس جي آهي جڏهن ته گهوتڪي انتظاميه 7 شڪي ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي آئي ڊي پيز ۾ وڌيڪ مرد آهن ۽ عورتن جو تعداد گهٽ آهي جڏهن ته شهر ۾ بنيادي سهولتن جا سمورا انتظام سٺي طريقي سان سرانجام ڏيئي رهي آهي جڏهن ته ڪجهه مشڪلاتون آهن جن جي لاءِ ڪمشنر سکر سان مشاورت ڪئي پئي وڃي انهيءَ موقعي تي سمورن واسطيدار محڪمن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button