سنڌيونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي ۾ آئل ۽ گئس بابت تربيتي ورڪشاپ شروع

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
IMG_6938 (640x297)سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شعبي سينٽر فار پيوئر اينڊ اپلائيڊ جيالوجي ۾ آئل ۽ گئس جي حوالي سان ٻن ڏينهن وارو سيمينار شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪويت آئل ڪمپني سان واڳيل نامور سائنسدان انور علي ريسورس پرسن طور جيالوجي جي اسڪالرن ۽ شاگردن کي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي. ٻن ڏينهن جي تربيتي سيمينار جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي ڪيو. ان موقعي تي پيوئر ۽ اپلائيڊ جيالوجي سينٽر جو ڊائريڪٽر ۽ ٺٽي ڪئمپس جو پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي، نيچرل سائنسز فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرسول عباسي، پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي بروهي، ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. افتتاح بعد ڪويت آئل ڪمپني ڪوفپيڪ جي مشهور سائنسدان ۽ پيٽريل (PETREL) سافٽ ويئر جي خالق انور علي آئل ۽ گئس بابت شاگردن ۽ اسڪالرن کي سکيا ڏيڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. تربيتي ورڪشاپ اڄ پڻ جاري رهندو. ان کان اڳ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عابده طاهراڻيءَ جيالوجي جي شعبي ۾ جديد فني لاڙا متعارف ڪرائڻ تي زور ڏنو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button