زراعت

اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ ٿيندڙ ساريالو فصل تيار

عبدالمجيد جھتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ
اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ ٿيندڙ ساريالو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪو آهي جڏهن ته ڪارخاني دارن پاران عيد ويجھو ايندي ئي سارين جا اگھ ڪيرائي ڇڏيا آهن. ٽي ڏينهن اڳ 980 رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ سارين جو في مڻ هاڻي 900 رپين ۾ خريد ڪيو وڃي پيو

باڊھ: پورھيت ڪارخاني اندر پيل سارين جي سڪائي وارو ڪم ڪري رھيا آھن
باڊھ: پورھيت ڪارخاني اندر پيل سارين جي سڪائي وارو ڪم ڪري رھيا آھن
جنهن ڪري هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن. هوڏانهن ڪارخانن مان نڪرندڙ چانور 1400 رپيا في مڻ ۽ ڪٽي 950 رپيا مڻ وڪرو ڪئي وڃي پئي. جڏهن ته ساريالي جي فصل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگھ هر سال وڌايا وڃن ٿا، هوڏانهن هتان جي آبادگارن ۽ هارين سرائي ڪرم علي کوکر، رئيس محمد يقوب سنجراڻي، ساجد حسين ڏهر، محمد قاسم ايري، حاجي علي محمد بروهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ساريال جي فصل تي ٿيندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳايون ٿا ته اسان جو مٿو چڪرائجي وڃي ٿو فصل جي رونبي کان وٺي فصل جي ڳاهي تائين في ايڪڙ تي هزاري رپيا خرچ اچي وڃي ٿو جڏهن ته هتان جا ڪارخاني دار هر سال پاڻ ۾ گڏجاڻيون ڪري هڪ هٽي قائم ڪندي سارين جا اگھ گھٽائي اسان کي وڏو نقصان رسائين ٿا. هنن چيو ته هتان جا ڪاخانيدار مختلف بهانا ڄاڻائي ساريالي جي فصل جا من پسند اگھ مقرر ڪن ٿا. هن وقت به ڪارخانيدار اسان کي سارين جو ڏهه سال پراڻو اگھ ڏئي اسان آبادگارن ۽ هارين جا لاهه پٽي ڇڏيا آهن هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سارين جا اگھ وڌائي هارين ۽ آبادگارن مان پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻئي طرف ڪارخانيدارن سيٺ راج ڪمار موجب عالمي منڊي ۾ چانورن جا اگھ ڪري پوڻ ڪري اسان سارين جا اگھ گھٽايا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button