بلاگ

اليڪشن کان پوءِ

ظھور سولنگي
ايڊيٽر انڊس نيوز ڊاٽ، اسلام آباد
zahoorاليڪشن جي نتيجي کان پوءِ ڪجھھ سنڌي پيج مايوسي پکيڙي رھيا آھن، ڪو سنڌي قوم کي غلام ٿو سجھي ته ڪو لالچي، ڪٿي سنڌي ھجڻ تي شرم ٿو ڪيو وڃي ته ڪٿي وري ڪجھ ٻيو، حقيقت اھا آھي ته اسان وٽ جيڪو وڏيرا شاھي وارو نظام آھي ان عام سنڌي ماڻھو کي تعليم کان پري رکيو آھي جتي تعليم آھي ته اھا به نالي ماتر، اھا شعور نه ٿئي ٻن اکرن پڙھڻ سان شعوري سطح ھرگزناھي وڌندي، اسان جيستائين قوم جي مرض جي سڃاڻپ ڪري علاج لاءِ ڪوشش نه ڪنداسين ته ائين ٿيندو رھندو، قوم خواھشن سان نه ٺھندي آھي ان لاءِ رات ڏينھن ھڪ ڪرڻو پوندو آھي، قرباني ڏيڻي پوندي، باقي فيس بڪ تي ويھي روئڻ سان ڪو فائدو ناھي، جيڪي فيس بڪ استعمال ڪندڙ آھن انھن جي ذھني سطح اڳ ۾ ئي مٿاھين آھي مسئلو آھي ته جيڪو ويچارو ڳوٺ ۾ رھي ٿو ۽ ان کي ان جي طاقت جو احساس ڪير ڏياري؟ ان ويچاري جي قصور ئي ڪھڙو آھي، ڪيترن ڳوٺاڻن کي ته خبر ئي ناھي ته دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي، کين ڪير ثابت ڪري ڏيکاري ته سياسي اڳواڻ سندن ئي طاقت سان سنڌ ڌرتي تي رھي سنڌي ڌرتي ئي وار پيا ڪن، سچ پڇو ته ماڻھن کي ان جي خبر ئي ناھي، ان لاءِ اچو ته پنھنجي قوم جي لاءِ عملي طور ته ڪجھ ڪريون، پنھنجن ڳوٺن، محلن ۾ تعليم جي بھتري لاءِ ڪجھ ڪم ڪريون، ڪنھن مسڪين جي ٻار کي سٺي مستقبل جي اميد ڏياريون، قرآن پاڪ ۾ آيت آھي الله تعاليٰ به ان قوم جي حالت تبديل نه ٿو ڪري جنھن کي خود پاڻ فڪر ناھي. اليڪشن جو جيڪو نتيجو آيو ان کي قبول ڪرڻ گھرجي، ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ڪجھ جڳھن تي ڌانڌلي جا اطلاع آھن پر ان ھوندي به اسان ان کي قبول ڪري آئنده لاءِ تياري ڪريون، مايوس ٿيڻ سان يا مايوسي پيدا ڪرڻ سان ڪو مسئلو حل نه ٿيندو.
ٻئي ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ اچو ته پنھنجو ذاتي ڪردار ادا ڪري اڳئين اليڪشن لاءِ تياري ڪريون.
سوچجو ضرور
[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button