آڊيو گيلريٽنڊو محمد خان

حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون، سيد نويد قمر

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان


اسان حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون، سيد نويد قمر
اسان حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون، سيد نويد قمر

وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته شهيد راڻي جو اڃان رت نه سڪو آهي ۽ اسان سدائين سينن تي گوليون کائڻ وارن مان آهيون ڪڏهن به پٺي نه ڏني آهي ، حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽندو محمد خان ڀرسان گاجا واهه ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ مختلف ڳوٺن کي سوئي گئس ڏيڻ واري اسڪيمن جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڪوٺايل تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته پ پ هميشه عوام جي طاقت سان فاشسٽ قوتن سان مهاڏو اٽڪايو آهي ، اڳ ۾ اهي ڌريون يونيفارم پائي سازشون ڪنديون هنيون ۽ هاڻي ٻي روپ ۾ ميدان ۾ لٿل آهن ۽ اسان ملڪ ڇڏي ٻاهر ڀڄڻ وارن مان ناهيون، هن چيو ته اسان کان عوام جي خدمت لاءِ جيڪي شهيد راڻي واعدا ورتا هئا انهن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيتوڻيڪ ڪوتاهيون ٿيون هونديون پر ايندڙ حڪومتي دور ۾ ساڻس ڪيل سڀئي واعدا وفا ڪنداسين ڇاڪاڻ ته بينظير اسان کان خوابن ۾ به غريب عوام جي پڇا ڪري ٿي ، جلسي کي خطاب ڪندي ايم اين اي غلام علي نظاماڻي چيو ته صدر آصف زرداري جي ڏاهپ سان پ پ اتحادين سان گڏجي پنج سالن تائين حڪمراني ڪري آئيني مدو پورو ڪيو آهي ۽ آئون پيشنگوئي ٿو ڪريان ته پ پ اقتدار ۾ اچي ايندڙ مدي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائيندي ، جلسي کي رئيس انور خان نظاماڻي ، عبدالخالق شورو، اظهر خان نظاماڻي، محمد حسن پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو. وفاقي وزير پ پ تعلقي جي صدر وڏيري نورل خان ويسري پاران سندس مان ۾ ڏنل چانهه پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي سيد اعجاز شاهه بخاري، سيد اعجاز نبي شاهه، علي اڪبر خاصخيلي، سڪينه خاصخيلي، ڊپٽي ڪمشنر آصف ميمڻ ، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button